بلاول ۽ نبيل گبول جي ملاقات ۾ ڇا ٿيو؟ سعيد غني حقيقت ٻڌائي ڇڏي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سينيئر پارٽي اڳواڻ نبيل گبول جي وائرل وڊيو تي صوبائي وزير سعيد غني جو ردعمل سامهون اچي ويو. گذريل ڏينهن ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جي حلف برداري تقريب ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ نبيل گبول جي هڪ وڊيو وائرل ٿي، جنهن بابت دعويٰ ڪئي وئي ته ان ويڊيو بلاول ڀٽو زرداري، نبيل گبول سان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪيو. ان حوالي سان اتي موجود سعيد غني ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته حقيقت ۾ اها وڊيو اڻ پوري آهي. صوبائي وزير موجب اهو سڀ ڪجهه منهنجي سامهون ٿيو، بلاول ڀٽو نبيل گبول کي ٻڌو، پوءِ سلمان مراد پارٽي چيئرمين ڏانهن آيو، ان کانپوءِ هلڪي انداز ۾ بلاول چيو ته ”سڀ ڳالهيون هتي ڪندئو ڇا“.