اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجا ملٽري ڪورٽس خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجا ملٽري ڪورٽس خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي. جواد ايس خواجا درخواست وڪيل عزير چغتائي معفرت داخل ڪرائي، جنهن ۾ قانون واري وزارت، بچاءَ واري وزارت، پنجاب، خيبر پختونخواهه، سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته منهنجو مقصد ڪنهن جماعت يا داري جي حمايت يا حملي کي سپورٽ ڪرڻ ناهي، ان ڪيس ۾ ڪو ذاتي مفاد ناهي، درخواستگذار جو مقصد مجرماڻي سرگرمين ۾ ملوث شڪي ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ ناهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن جي ڪنهن فعل جي حمايت نٿي ڪئي وڃي، عام شهرين خلاف ڪيس هلائڻ جو فورم ڪرمنل ڪورٽس آهن، ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي رڳو هٿياربند فوج جي اهلڪارن خلاف ٿي سگهي ٿي، ڪورٽ مارشل جو مقصد فوج ۾ ضابطن کي برقرار رکڻ هوندو آهي، ملٽري ڪورٽس ۾ انهن سويلين جو ٽرائل ٿي سگهي ٿو، جيڪي فوج ۾ حاضر سروس سويلين ملازم هجن. درخواست جي متن موجب ملٽري ڪورٽس جي فيصلن جو بنيادي حقن تي سڌي ريت اثر پوندو. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته عام عدالتون هوندي ملٽري ڪورٽس ذريعي سويلينز جو ٽرائل غير آئيني قرار ڏنو وڃي، ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل جي حوالي ڪيل ماڻهن کي ڪٿي رکيو ويو آهي؟ ڊيٽا طلب ڪئي وڃي ۽ ملٽري ڪورٽس کي ڪارروائي روڪڻ ۽ ڪو به حتمي فيصلو جاري ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي.