My WordPress Blog

اينٽي ڪرپشن عدالت پرويز الاهي جي ضمانت منظور ڪري ورتي

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي اينٽي ڪرپشن عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ پرويز الاهي جي ضمانت منظور ڪري ورتي.  پنجاب اسيمبلي ۾ غير قانوني ڀرتين جي ڪيس ۾ اينٽي ڪرپشن عدالت جي جج علي رضا گذريل ڏينهن فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو اڄ ٻڌايو ويو.  اينٽي ڪرپشن عدالت جي جج علي رضا 10 لک رپين جي مچلڪن عيوض چوڌري پرويز الاهي جي ضمانت منظور ڪئي.  واضح رهي ته پهرين جون تي پرويز الاهي کي لاهور ۾ سندس گهر ڀرسان گرفتار ڪيو ويو هو، پرويز الاهي کي اينٽي ڪرپشن پوليس گرفتار ڪيو هو.  پرويز الاهي خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ سرڪاري ٺيڪن ۾ ڪميشن وٺڻ جي الزامن تحت ڪيس داخل آهن، سندس خلاف لاهور جي ٿاڻي ۾ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ پوليس تي تشدد جو ڪيس به داخل آهي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.