پ پ ۽ حڪومت جو اتحاد ڪيستائين هلندو؟ وڏي دعويٰ سامهون اچي وئي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ نديم افضل چن دعويٰ ڪئي آهي ته پ پ ۽ حڪومت جو اتحاد وڌيڪ هڪ يا ڏيڍ مهينو ئي هلي سگهندو، ن ليگ پنجاب ۾ پ پ جي ورڪرن کي اسپيس ئي نه پئي ڏئي. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي نديم افضل چن چيو ته اسان جي پارٽي ۾ هر ڪنهن جو پنهنجو موقف هوندو آهي، حتمي فيصلو اهو ئي هوندو آهي،جيڪو پارٽي ڪندي آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ وڏي عرصي تائين ن ليگ جي حڪومت رهي آهي، پنجاب ۾ بيورو ڪريسي به ن ليگ جي مائينڊ سيٽ واري آهي، پ پ جي نظرياتي ڪارڪن جو ٽڪراءُ ليگي ووٽر سان وڌيڪ آهي، اليڪشن ۾ وڃڻ لاءِ عوام کي اڳتي جو فريم ورڪ ڏيڻو پوندو. سندس موجب اڄ تائين ڪڏهن نه چيو ته جڊيشري ۾ اسان جا ماڻهو هوندا، پ پ جو نظريو اهو آهي ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني هجي، منهنجي راءِ آهي ته چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ سڀني جماعتن کي شامل ڪيو وڃي، چارٽر آف ڊيموڪريسي رڳو ٻن جماعتن لاءِ آهي. نديم افضل چن چيو بينظير ڀٽو جو موقصد هو ته ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط هجي، جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي ته ان کي ٺيڪ ڪرڻ جي اسان جي ذميواري آهي.