پ پ – پي ٽي آءِ چونڊ اتحاد لاءِ ملڪ رياض سرگرم، آصف زرداري کي عمران جو پيغام پهچايو
لاهور (ويب ڊيسڪ) دبئي علاج لاءِ پهتل اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات لاءِ ملڪ رياض پهچي ويو ۽ عمران خان جو چوندن ۾ اتحاد ڪرڻ جو پيغام پهچايو. نامياري صهافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته آصف زرداري کي ملڪ رياض چيو ته عمران خان جو پيغام آهي ته جهانگير ترين، (ن) ليگ سان چونڊ اتحاد ڪري پي ٽي آءِ جا ووٽ حاصل ڪرڻ چاهي ٿو پر پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ چونڊ اتحاد ڪري ان ڪوشش اڳيان بند ٻڌي سگهي ٿي ۽ ايندڙ حڪومت به گڏجي ٺاهي سگهون ٿا. ملڪ رياض اها به آصف زرداريءَ کي آڇ ڪئي ته ” پلي بارگين“ ذريعي برطانيا کان آيل 60 ارب رپيا سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ تيار آهيان، اوهان اتحادي حڪومت جا مکيا اتحادي آهيو. ان ڪيس کي لئه مٽي ڪرائي سگهو ٿا. ڇو ته اسٽيبلشمينٽ به اوهان جي راءِ کي اهميت ڏئي ٿي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ چونڊ اتحاد نه ٿيون ڪن ته هو عمران خان خلاف واعدا معاف شاهد ٿيڻ لاءِ ته اڳ ئي تيار آهي. صحافي جو چوڻ آهي ته جڏهن پ پ اڳواڻ نديم افضل چن سان رابطو ڪيو ته هن چيو ته مون به ذاتي حيثيت ۾ آصف زرداريءَ کي پي ٽي آءِ سان چونڊ اتحاد جي صلاح ڏني آهي، ان ۾ ڪو به هرج نه آهي، فائدو آهي . صحافي جو چوڻ آهي ته ملڪ رياض ۽ آصف زرداريءَ ۾ ملاقات کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ جي عيوضي به آصف زرداريءِ وٽ پهچي ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ آصف علي زرداريءَ کي صلاح ڏني وئي آهي ته هن مرحلي تي عمران خان کي بچائڻ جي پيپلز پارٽي سميت ڪابه سياسي پارٽي ڪوشش نه ڪري ڇو ته ان سان هڪ طرف 9 مئي واقعن وارو ڪيس ڪمزور ٿي ويندو. ٻئي طرف عمران خان کي ٻيهر سياسي جيئدان ملي ويندو. اهڙن ٻه طرفن رابطن جو ئي نتيجو آهي جو بلاول ڀٽو زرداري سوات جلسي ۾ اهو مطالبو ورجايو ته 9 مئي واقعن ۾ ملوث جوابدارن سان ڪابه رعايت نه ڪئي وڃي انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف کي به ڌمڪي ڏني ته سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ فنڊ نه رکيا ويا ته بجيٽ منظور ٿيڻ نه ڏيندا. ان ڌمڪي کانپوءِ وزيراعظم اڄ ڪابينا جو اهم اجلاس سڏائي ورتو آهي. جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پ پ جو معاشي ماهرن تي ٻڌل وفد شرڪت ڪندو. جڏهن ته وزيراعظم اجلاس جي صدارت ڪندو ۽ ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار به خاص طور شرڪت ڪندو. جتي پ پ جي مطالبي جو جائزو وٺي حتمي فيصلو ڪيو ويندو.