My WordPress Blog

پي ٽي آءِ حڪومت جي خاتمي تي ميڻ بتي مافيا ۽ اسرائيل روئي رهيو آهي: فضل الرحمان

0

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان اڳ ئي چيو هو تحريڪ انصاف وٽ ٻاهرين ايجنڊا آهن، پي ٽي آءِ حڪومت جي خاتمي تي ميڻ بتي مافيا ۽ اسرائيل روئي رهيو آهي.  ٽانڪ ۾ تقريب سان خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان پي ٽي آءِ خلاف حق جي ڳالهه ڪئي، پهرئين ڏينهن ئي چيو هو ته انهن جي ٻاهرين ايجنڊا آهن، اسان تحريڪ انصاف جي ايجنڊا کي چٿي ڇڏيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ميڻ بتي مافيا ۽ اسرائيل روئي رهيو آهي، فرينڊ آف اسرائيل ڪميٽي ميمبر پي ٽي آءِ چيئرمين جي حمايت ۾ روئي رهيا آهن، پاڪستان جي مخالفت ۾ ڊي پورٽ عورت به هڪ شخص جي حمايت ڪري رهي آهي.  سندس چوڻ هو ته اسان بنا سبب جي پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف ڳالهيون نه ڪيون، پي ٽي آءِ حڪومت جو تختو اونڌو ڪري فتني مان جان ڇڏائي سين، ايندڙ چونڊن ۽ ان کانپوءِ به پاڪستان جي اسلامي سڃاڻپ کي متعارف ڪرايو ويندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.