ن ليگ جو شاهه محمد شاهه ۽ مفتاح اسماعيل کي عهدن تان هٽائڻ جو فيصلو
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ نون سنڌ جي قيادت کي فارغ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتيو آهي. پاڪستان مسلم ليگ نون اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل کي پارٽي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو . ذريعن موجب، پارٽي قيادت نون ليگ سنڌ جي صدر محمد شاهه کي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جڏهن ته جي پي ايم ايل اين جي صوبائي سيڪريٽري ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاع اسماعيل کي به عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي طرفان ٻنهي عهديدارن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو.