My WordPress Blog

قرض جو صحيح استعمال ڪري ان مان جان ڇڏائڻي پوندي: وزيراعظم

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڪيستائين قرض وٺندو رهندو؟ اسان کي قرضن مان جان ڇڏائڻي پوندي، اهي ئي قومون ڪامياب ٿينديون آهن، جيڪي قرض وٺي ڪاميابي سان واپس ڪنديون آهن.  پرائم منسٽر نيشنل انوويشن ايوارڊز تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نوجوانن سان ملي خوشي ٿي، اهي هر شعبي ۾ پنهنجون صلاحيتون مڃرائي رهيا آهن، پاڪستان جو مستقبل نوجوانن جي هٿن ۾ آهي، نوجوانن وٽ هنر هجڻ ضروري آهي ۽ کين گهرجي ته عالمي مارڪيٽ ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهين.  هن چيو ته اسان ٻارن کي هٿيارن نه پر ليپ ٽاپ ڏنا ۽ ليپ ٽاپ به اسان ميرٽ تي ڏنا، ٻارن کي مختلف تعليمي وظيفا ڏنا ته جيئن ملڪ جو مستقبل روشن ٿئي.  سندس چوڻ هو ته ملڪ تي قرضن جو وڏو بار آهي، پاڪستان ڪيستائين قرض وٺندو رهندو؟ اسان کي قرضن مان جان ڇڏائڻي پوندي، اهي ئي قومون ڪامياب ٿينديون آهن، جيڪي قرض وٺي ان کي ڪاميابي سان واپس ڪنديون آهن، قرضن جو صحيح استعمال ڪري ان مان جان ڇڏائڻي پوندي،  اميد ته پاڪستان جلد ڏکيائين مان نڪري ويندو.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.