عوام غريب تر،سياستدان امير تر،سينيٽ چيئرمين کي شاهاڻيون سهولتون!
لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين پينشن ۽ رعايتن ۾ ججن ۽ جنرلن کي به مات ڏئي ڇڏي آهي. سينيٽ ۾ هڪ بل پيش ٿيو آهي. جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين کي عهدو ڇڏڻ کانپوءِ به جيڪڏهن پرڏيهه سفر ڪرڻ چاهيندو ان کي خاص جهاز ڏيڻ لاءِ حڪومت پابند هوندي. جهاز ۾ خاندان جي 4 ڀاتين سان سفر ڪري سگهندو. حڪومت وٽ جهاز موجود نه هوندو ته ڀاڙي تي جهاز جو بندوبست ڪري ڏيندي. نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته بل ڏسي انتهائي افسوس ٿيو ته معاشي طور ڏيوالي جي ڪنڌيءَ پهتل ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. خاص طور افسوس تڏهن ٿيو جڏهن خبر پئي ته انساني حقن ۽ غربت تي ڳوڙها ڳاڙيندڙ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني ۽ اعظم نذير تارڙ، اڳوڻي سينيٽ چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ اهو بل تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ حاضر يا اڳوڻي چيئرمين کي خاندان سميت ڏيهي توڙي پرڏيهي اسپتالن مان سرڪاري خرچ تي علاج جي سهولت هوندي. خدمت لاءِ 12 ملازم ۽ سيڪيورٽي لاءِ 8 اهلڪار ملندا. گئس ۽ بجلي مفت هوندي. 4 سيڪيورٽي گارڊ ذاتي طور به رکندو انهن کي پگهار سرڪار ڏيندي. سفر لاءِ گاڏيون ۽ پئٽرول مفت ملندو ۽ کين نائب صدر وارو پروٽوڪول ملندو. ياد رهي ته عام سينيٽر جي پگهار صرف هڪ لک 60 هزار رپيا آهي. ڪيترن وٽ گاڏيون به نه آهن ۽ بس يا رڪشا تي چڙهي اجلاس ۾ ايندا آهن.