سگهاري جدوجهد سان ئي سنڌ جو وجود بچائي سگهنداسين: صنعان قريشي
حيدرآباد/ڄامشورو (ويب ڊيسڪ)جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، ديدار شام ،آڪاش ملاح، ايڊووڪيٽ اندر جيت لوهاڻو، سومر خان جمالي سان گڏ حيدرآباد قاسم آباد ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي جي رهائش تي پهچي سندس والد جي وفات تي تعزيت ڪئي، جڏهن ته ڄامشورو آر بي ڊي ڪالوني ۾ سينئر صحافي نعمت کهڙو سان سندس رهائش گاھ تي پهچي ساڻس ڀائيٽي جي وفات تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي وجود کي بچائڻ لاءِ متحد ۽ منظم ٿيڻ جي ضرورت آهي، سنڌ سڀني ماءُ آهي، بنا سياسي فرق، مذهبي فرق جي گڏ ٿي سگهاري سياسي جدوجهد سان ئي سنڌ جو وجود بچائي سگهنداسين. هن چيو ته سنڌ کي لاقانونيت، بدامني جي باھ ۾ ساڙيو وڃي پيو، ٻوڏ متاثر اڄ به ماڻهو کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، انهن جي بحالي، مالڪي لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري آواز اٿاريندا رهون ٿا. هن چيو ته سنڌ سرڪار ان وفاق کي چئي رهي آهي ته بجيٽ ۾ ڇو نه ٻوڏ متاثرن لاءِ بجيٽ رکي آهي، اهو سڀ سنڌي ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ ۽ وفاق سان گڏجي سنڌ جا وسيلا لُٽڻ آهي.