My WordPress Blog

جماعت اسلامي 9 مئي جي جوابدارن سان گڏجي ڪراچي تي قبضي جي ڪوشش ڪئي: بلاول ڀٽو زرداري

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جماعت اسلامي 9 مئي جي جوابدارن سان گڏجي ڪراچي تي قبضي جي ڪوشش ڪئي، جماعت اسلامي سياسي جماعتن سان گڏجي ڪم ڪري، ڪا به وفاقي حڪومت هجي گڏجي ڪراچي لاءِ ڪم ڪنداسين.  ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪراچي ۾ پ پ جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر چونڊيا آهن، ڪارڪنن انتهاپسندي جو مقابلو ڪيو آهي، هي شهر هڪ فون ڪال تي هلندو هو، انهن جي سامهون جيالا بيٺا رهيا، هن ڪاميابي کي سڀني شهيدن جي نالي ڪيون ٿا. هن چيو ڪراچي جو ميئر عوام جي اميدن تي پورو لهندو، سياسي يتيمن ۽ سهولتڪارن جو دور ختم ٿي ويو، جيالن جمهوريت جي بحالي لاءِ جانين جي قرباني ڏني، ڪراچي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ذاتي دلچپسي وٺندس. سندس چوڻ هو ته راتو رات ٺهندڙ جماعتن کي به ڪارڪردگي سان جواب ڏينداسين، اسان کان سدائين چونڊون کسيون وينديون آهن پر هن ڀيري ائين ڪرڻ نه ڏنوسين، ڪراچي کان ڪشمير تائين چونڊون ٿي رهيون آهن، چونڊن ۾ پ پ جيالا کٽي رهيا آهن.  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ڪراچي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گڏجي ڪم ڪنداسين، ڪراچي جا مسئلا صوبائي حڪومت ۽ وفاق سان به جڙيل آهن، ڪا به وفاقي حڪومت هجي، ڪراچي لاءِ ان سان گڏجي ڪم ڪنداسين، جماعت اسلامي 9 مئي تي جناح هائوس تي حملو ڪندڙن سان گڏجي ڪراچي تي قبضي جي ڪوشش ڪئي، جماعت اسلامي سياسي جماعتن سان گڏجي ڪم ڪري.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.