My WordPress Blog

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس طور ڪهڙا ڪم ڪندو؟ خط سامهون اچي ويو

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو لکيل خط سامهون اچي ويو، جنهن ۾ هن چيف جسٽس طور ڪيسن جي فيصلن جو نظام صاف ۽ شفاف بڻائڻ جي ڪوشش جو ذڪر ڪيو آهي.  جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ملتان بار ڪائونسل جي اڳوڻي صدر رياض الحسن گيلاني کي خط لکيو، جنهن ۾ هن چيو ته بئنچن جي جوڙجڪ ۽ ڪيسن کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪندس.  جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته بار جي سهڪار سان عدالتي نظام ۾ سڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪندس.  واضح رهي ته رياض الحسن گيلاني عدالتي موڪلن تي چيف جسٽس ۽ جسٽس فائز عيسيٰ کي خط لکيو هو.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.