My WordPress Blog

استحڪام پاڪستان پارٽي پنهنجي ميمبرن کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪي سياسي منظرنامي تي اڀرندڙ نئين جماعت استحڪام پاڪستان پارٽي پي ڊي ايم حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪندي وفاقي ڪابينا ۾ موجود ميمبرن کي استعيفيٰ ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.  استحڪام پاڪستان پارٽي جي مرڪزي ترجمان فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پارٽي صدر عليم خان وفاقي ڪابينا ۾ موجود عون چوڌري ۽ نعمان لنگڙيال کي پنهنجي عهدن تان فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.  واضح رهي ته عون چوڌري ۽ نعمان لنگڙيال کي استحڪام پاڪستان پارٽي وجود ۾ اچڻ کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جو خاص مددگار مقرر ڪيو ويو هو.  فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو ته استحڪام پاڪستان پارٽي پنهنجي آزاد حيثيت برقرار رکندي ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺندي.  سندس چوڻ هو ته عوام جي ڏکيائين جي ازالي، ملڪي مفاد ۽ عوام ۾ هيٺين سطح تائين پهچ لاءِ پارٽي جو تنظيمي ڍانچو جلد جوڙيو ويندو.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.