My WordPress Blog

اتحادين ۾ اختلاف، پ پ جي وزير جو نجم سيٺي کي هٽائڻ لاءِ وزيراعظم کي خط

0

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اتحادي حڪومت ۾ مختلف معاملن تي اختلاف سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ان ۾ پي سي بي جي سربراهي به شامل آهي.  ان سلسلي ۾ پ پ سان لاڳاپيل بين الصوبائي معاملن واري وفاقي وزير احسان مزاري نجم سيٺي کي هٽائڻ لاءِ وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو آهي.  ان سلسلي ۾ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي احسان مزاري چيو ته نجم سيٺي نه ذڪا اشرف ئي پي سي بي چيئرمين هوندو، هن چيو ته اهو طئي ٿيو هو ته جنهن وٽ جيڪا وزارت هوندي ان جو ئي ماڻهو کنيو ويندو .  هن چيو ته نجم سيٺي کي صرف ريجنل  اليڪشن جو مينڊيٽ مليل هو .نجم سيٺي جي مدي ۾ واڌ نه ٿيندي.  احسان مزاري چيو ته نجم سيٺي کان 4 مهينن جي ڪارڪردگي خرچن جا تفصيل گهريا آهن، جيڪڏهن نجم سيٺي جواب نه ڏنو ته آڊيٽر جنرل کي آڊٽ جو چيو ويندو.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.