آمريڪي پرڏيهي وزير جو چين جو دورو، چيني هم منصب سان پنج ڪلاڪ ڊگهي ملاقات
بيجنگ ( ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چين جي ٻن ڏينهن جي دوري جي موقعي تي چيني هم منصب سان ساڍن پنجن ڪلاڪن تائين ڊگهي ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ چيني پرڏيهي کاتي جو وفد پڻ شامل هو. پرڏيهي وزيرن جي ملاقات جي حوالي سان آمريڪي پرڏيهي کاتي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته انٽوني بلنڪن جي چيني پرڏيهي وزير سان واضح، جوڳي ۽ معياري ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ملاقات دوران بلنڪن سفارتڪاري جي اهميت ۽ مواصلات جا چئنلز کليل رکڻ تي زور ڏنو آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب، پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن گڏيل بين القوامي مسئلن تي سهڪار جي موقعن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي جڏهن ته رابطن جي تسلسل لاءِ چيني پرڏيهي وزير کي واشنگٽن اچڻ جي دعوت پڻ ڏني وئي.