My WordPress Blog

ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم ڪمزور، جماعت اسلامي مضبوط

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم ڌڙن ۾ ورهائجڻ کانپوءِ  هڪ ڀيرو ٻيهر جماعت اسلامي ڪراچيءَ ۾ هڪ طاقتور پارٽي طور  مضبوط  ٿي رهي آهي. جڏهن ته پي ٽي آءِ جي سياست به پڄاڻيءَ  تي پهچي رهي آهي. جنهن جو فائدو به جماعت اسلامي کي ٿي سگهي ٿو.  صحافي ذوالفقار بابر جو چوڻ آهي ته ان صورتحال کي محسوس ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اسٽيبلشمينت کي تجويز ڏني آهي ته هاڪاري سياست  جي شرط تي الطاف حسين کي پاڪستان اچڻ توڙي سياست ڪرڻ جو هڪ موقعو ڏنو وڃي.  آصف زرداري جو خيال آهي ته ايم ڪيو ايم جمهوري انداز سان سياست ڪئي ته ان سان مستقبل ۾ معاملا طئه ٿي سگهن ٿا يا اتحاد به ٿي سگهي ٿو. پر جماعت اسلامي سان سياسي معاملا طئه ڪرڻ ڏکيا هجن ٿا ڇو ته اها سياسي نه پر مذهبي پارٽي آهي، جنهن جو مثال تازيون مڪاني چونڊون آهن.  جنهن ۾ پهرئين نمبر تي پيپلز پارٽي آهي ۽ ٻئي نمبر تي جماعت اسلامي آهي ان هوندي به ميئر جي چونڊ ۾ جماعت اسلامي پيپلز پارٽي آڏو چئلينج بڻيل آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.