ملڪي ناڻي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ واڌ ٿي وئي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جا ذخيرا 4 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ويا. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب 9 جون تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 10 ڪروڙ 65 لک ڊالر وڌيا آهن. ان کان اڳ ٻه جون تي جاري ڪيل انگن اکرن ۾ اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 3 ارب 91 ڪروڙ ڊالر هئا، جيڪي ٻيهر 4 ارب ڊالر ٿي ويا آهن. ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا هڪ هفتي ۾ 6 ڪروڙ 31 لک ڊالر گهٽجي 5 ارب 35 ڪروڙ ڊالر آهن. اهڙن لاهن چاڙهڻ کانپوءِ ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 4 ڪروڙ 34 لک ڊالر واڌ سان 9 ارب 34 ڪروڙ ڊالر ٿي ويا آهن.