سٺي خبر، سڀاڻي کان پيٽرول سستو ٿيڻ جو امڪان
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ سڀاڻي کان لاٿ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 16 جون کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ معمولي تبديلي جو امڪان آهي. انڊسٽري ذريعن موجب اڄ رات کان پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ تقريبن ٻه رپيا لاٿ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڊيزل جو اگهه 3 رپيا گهٽجڻ جو امڪان آهي.