My WordPress Blog

جماعت اسلامي کي چوان ٿو ته توهان کان وڏا غنڊا به توبهه ڪري چڪا آهن: شرجيل ميمڻ

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته جماعت اسلامي ميئر جي چونڊ کانپوءِ افراتفري پيدا ڪئي، انهن کي چوان ٿو ته توهان کان وڏا غنڊا به توبهه ڪري چڪا آهن.  ڪراچي ۾ ناصر شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي جي عوام پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، شهرين هاڪاري سياست ڪندڙن کي ووٽ ڏنو، عوام جي اعتماد تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪنداسين.  هن چيو جماعت اسلامي کي چوان ٿو ته توهان کان وڏا غنڊا به توبهه ڪري چڪا آهن، بسون ڀري غنڊا گهرايا ويا، انهن پوليس تي به پٿراءُ ڪيو، غنڊا گردي ڪئي وئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو.  سندس چوڻ هو ته پ پ امن جو مظاهرو ڪيو پر جماعت اسلامي چونڊ نتيجن کانپوءِ افراتفري پيدا ڪئي، ملڪ ۾ نفرت جي سياست ختم ٿيڻ گهرجي، جماعت اسلامي کي ڪراچي جي ترقي ۾ مدد ڪرڻ گهرجي، سڀني جماعتن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏيون ٿا.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.