پرويز الاهي پي ٽي آءِ ڇڏڻ لاءِ تيار، اسٽيبلشمينٽ جو انڪار
لاهور (ويب ڊيسڪ ) پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير پرويز الاهي پريس ڪانفرنس ڪري پي ٽي آءِ ڇڏڻ لاءِ تيار، طاقتور ڌرين جو کيس موقعو ڏيڻ کان انڪار. نامياري صحافي امداد سومري جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي جڏهن عدالت ۾ حاضريءَ تي آيو ته کانئس سوال ڪيو ويو ته اوهان پريس ڪانفرنس ڪرڻ لاءِ تيار آهيو ته بي وسيءَ مان جواب ڏنائين ته جيل ۾ آهيان پريس ڪانفرنس ڪيئن ڪيان. ان جو مطلب اهو آهي ته پرويز الاهي پي ٽي آءِ ڇڏڻ لاءِ تيار آهي پر اسٽيبلسمينت مٿس ايڏي ڪاوڙيل آهي جو کيس پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو موقعو نه پيو ڏنو وڃي. شايد پرويز الاهي جيڪي واعدا خلافيون ڪيون آهن. انهن جي بدلي ۾ کيس سيکت ڏني پئي وڃي. پي ڊي ايم قيادت خاص طور آصف زرداري به واعدا خلافيءَ سبب پرويز الاهي کان اڳ ئي ناراض آهن. ان ڪري هاڻي پرويز الاهي تنها آهي. نه سياسي نه غير سياسي ڪٿان به سندس حمايت نه ٿي رهي آهي نه ئي ساڻس رعايت ڪئي پئي وڃي. جنهن ڪري سخت پريشان آهي. ڇو ته هاڻي کيس پي ٽي آءِ به ڪٿي نظر نه پئي اچي. ان ڪري سياسي طور لا وارث ٿي ويو آهي.