My WordPress Blog

نوجوانن کي قرض ڏيڻ لاءِ اربين رُپيا رکيا ويا آهن: وزيراعظم

0

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جعلي ڪاغذ هٿ ۾ کڻي چيو ويو ته سائفر آيو آهي ۽ هي هڪ امپورٽڊ حڪومت آهي، حقيقتن ڪوڙي پروپيگنڊا کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.  اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي مختلف منصوبن جي افتتاح جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته روس مان هڪ لک ٽن ڪچو تيل اچي ويو آهي، روسي تيل جو پهريون جهاز ڪراچي پهچي ويو آهي، هنن روس مان ڪابه شيءِ نه گهرائي هئي.  سندس چوڻ هو ته ماڻهو پڇن ٿا ته روسي تيل ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي، روسي تيل جي قيمت عالمي تيل جي قيمتن کان گهٽ آهي، روسي تيل عالمي مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 ڊالر في بيرل سستو آهي.  وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان کي هن وقت ناڻي جي ذخيرن جي سخت ضرورت آهي، اسحاق ڊار ۽ سندس ٽيم کي عوامي بجيٽ ڏيڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، جيستائين ڪنهن ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه هوندو، تيستائين معاشي استحڪام نٿو اچي سگهي. هن چيو ته جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ ڏينهن رات ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي ويندي هجي اتي ڪير سيڙپڪاري ڪندو؟، گذريل حڪومت پاڪستان جي معيشيت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو.  وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جيڪو آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري ٽوڙيو ويو کين ان جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن، آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون پوريون ڪيون آهن، هو آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا.  سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن سندس خلاف ڪرپشن جو ڪو ثبوت آهي ته آڻيو، ڪوڙا الزام لڳائڻ مناسب ناهي، پوڻا 4 سال سندس خلاف ڪرپشن جا ثبوت نه مليا، جيڪڏهن ڪرپشن جا ثبوت نه آهن ته پوءِ پنهنجو منهن بند رکيو وڃي.  وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪنهن به ٽيم جو ڪپتان هڪ هوندو آهي، جيستائين 10 رانديگر ڪپتان سان محنت نه ڪندا تيستائين ٽيم ڪامياب نٿي ٿي سگهي، ڪنهن به ٽيم جي ڪاميابي ٽيم ورڪ آهي.  هن چيو ته گذريل حڪومت ترڪيه سان لاڳاپا خراب ڪيا، کين اربين ڊالرن جي ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻي پئي، گذريل حڪومت ۾ ڪڻڪ مقدار ۾ کوٽ ٿي وئي هئي.  وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نوجوانن کي قرض ڏيڻ لاءِ اربين رپيا رکيا ويا آهن، ڳوٺن ۾ زرعي قرض ڏنا ويندا، نوجوان نسل ئي ملڪ جي ڪاميابي جو ضامن آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين چوندو هو ته ليپ ٽاپ نه پر رشوت آهي، اڳوڻي وزيراعظم گذريل دور ۾ نوجوانن گمراهه ڪيو، هو نوجوانن کي هڪ لک ليپ ٽاپ ڏيڻ جو پروگرام ٻيهر شروع ڪري رهيا آهن.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.