نادرا چيئرمين طارق ملڪ عمراني وائرس ۾ مبتلا هو !
لاهور (ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي اهم اداري جو سربراهه به عمراني وائرس ۾ مبتلا هجڻ جو انڪشاف، گهيرو تنگ ٿيڻ تي استعيفا ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾ نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جي مقرريءَ کان اڳ سندس خاندان جي نادرا مان ڊيٽا پڌري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو هو ۽ نامياري صحافي اعزاز سيد تفصيل ڏنا هئا ته نادرا مان جنرل عاصم منير جي ڊيٽا ڇو چوري ڪئي وئي ۽ ان ۾ ڪير ڪير ملوث هئا. اصل مقصد هو ته ڊيٽا مان اها ڄاڻ ملي ته جنرل عاصم منير، ان جي گهر واري يا خاندان جو ڪو ٻيو فرد ايران ويو آهي، يا ان جو ڪهڙي مذهبي فرقي سان تعلق آهي. ڇاڪاڻ ته ان وقت سعودي عرب ۽ ايران جا لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا هئا ۽ جنرل عاصم منير کي اهل تشيع فرقي جو ثابت ڪري سعودي عرب ذريعي سندس آرمي چيف طور مقرريءَ ۾ رڪاوٽ وجهڻ مقصد هو، اها سازش ناڪام ٿي وئي. تازو 9 مئي واقعن ۾ ملوث پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي جڏهن نادرا مان ڊيٽا هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان ۾ نادرا چيئرمين طارق ملڪ مختلف طريقن سان رڪاوٽون پئي وڌيون. جاچ دوران خبر پئي ته نادرا چيئرمين ته جنرل (ر) فيض حميد جو مقرر ڪرايل ۽ عمران وائرس ۾ مبتلا آهي. آخرڪار نادرا چيئرمين گهيرو تنگ ٿيندو ڏسي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي.