My WordPress Blog

مُلڪ ۾ غريب ويلي لاءِ پريشان آهي ۽ امير لاءِ قانون تبديل ڪيو وڃي ٿو: خواجا آصف

0

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته مُلڪ ۾ غريب ويلي لاءِ پريشان آهي،  جڏهن ته امير لاءِ قانون تبديل ڪيو ويندو آهي.  قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بچاءَ واري وزير چيو ته مُلڪ ۾ اسي سڪيڙو آبادي وٽ ٻه ويلا ماني کائڻ جي سگهه ناهي، هتي امير لاءِ ڪو قانون ناهي ۽ عام ماڻهوءَ کي جيل ۾ وڌو ويندو آهي، امير لاءِ قانون ۾ ترميم ڪئي ويندي آهي.  خواجا آصف چيو ته ڪمپنيون پنج سئو ارب جو ٽئڪس چوري ڪري رهيون آهن، جيستائين زهر جو ڍُڪ پئي انهن مسئلن جو علاج نه ڪنداسين، اِهي ٺيڪ نه ٿيندا.  هن چيو ته مُلڪ ۾ ڦرلٽ جي بازار گرم آهي ۽ ڪير پڇڻ وارو ناهي، اهڙا اهڙا ماڻهو آهن جن جو ٽي وي چئنلن تي نالو نٿا کڻي سگهون، مُلڪ کي تباهه ڪندڙ قوم کي تعليم ڏئي رهيا آهن.  بچاءَ واري وزير چيو ته هتي هڪ طبقي کي ته پگهار جو 90 سيڪڙو پينشن ملي ٿي، رٽائرمينٽ کانپوءِ چار چار نوڪريون ملن ٿيون، عدليا مُلڪ کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.