شيل پاڪستان جا سمورا شيئرز وڪرو ڪرڻ جو فيصلو
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) شيل پيٽروليم ڪمپني پاڪستان ڪمپني جا سمورا شيئرز وڪرو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. برطانوي خابرو اداري موجب، شيل جو چوڻ آهي ته هو شيل پاڪستان جا 77 ڏهائي 42 سيڪڙو شيئرز وڪرو ڪندي ۽ ڪمپني جو انتظام خريدار جي حوالي ڪري ڇڏيندي. ميڊيا رپورٽن موجب، شيل پيٽروليم ڪمپني کي 2022ع ۾ ڊالر جي قدر ۾ واڌ ۽ پاڪستاني رُپئي جي مُلهه ۾ لاٿ سبب تمام گهڻي مالي نقصان جو منهن ڏسڻو پيو. ان کانسواءِ برطانوي ڪمپني کي رهتن جي اوڳاڙي ۾ به مسئلن جو منهن ڏسڻو پيو جنهن سبب ڪمپني اهڙو فيصلو ڪيو آهي. شيل جي ترجمان موجب، شيئرز جي وڪرو ۾ گروپ جا ٻيا ڪاروبار به شامل آهن جن ۾ پاڪ عرب پائيپ لائين ڪمپني لميٽڊ جا 26 سيڪڙو مالڪاڻا حق به شامل آهن. شيل پيٽروليم ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ادارو پاڪستان ۾ پنهنجا سمورا شيئرز وڪرو ڪري رهيو آهي، جنهن جي منظوري بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي اجلاس ۾ ڏني وئي آهي. ڪمپني موجب، شيئرز جي وڪرو سان پاڪستان ۾ جاري شيل جي آپريشنز تي ڪو فرق نه پوندو ۽ اهي جاري رهندا.