My WordPress Blog

سامونڊي طوفان بائپر جوءِ جو رخ تبديل ٿي ويو

0

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جي شدت ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي ۽ اهو تيزيءَ سان سنڌ جي سامونڊي پٽي وارن علائقن طرف وڌي رهيو آهي.  موسميات کاتي موجب، طوفان جو ڪراچي کان فاصلو 340 ڪلوميٽر مان وڌي 370 ڪلوميٽر ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪيٽي بندر کان طوفان جو فاصلو 275 ڪلوميٽر مان وڌي 290 ڪلوميٽر ٿي ويو آهي، پر ڪيٽي بندر جي سامونڊي پٽي سان طوفان جي ٽڪرائڻ جو خطرو اڃا به موجود آهي.  موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته بائپر جوءِ ڪراچي جي سامونڊي پٽي سان نه ٽڪرائبو پر طوفان جو اثر نظر ايندو.  عربي سمنڊ ۾ موجود سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جي شدت ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي ۽ اهو تيزيءَ سان سنڌ جي سامونڊي پٽي وارن علائقن طرف وڌي رهيو آهي، جنهنڪري تيز هوائون گهلي رهيون آهن، جڏهن ته ساموندي پٽيءَ مان وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جو عمل به جاري آهي.  موسميات کاتي موجب بائپر جوءِ ڪراچي جي سامونڊي پٽي سان نه ٽڪرائيندو پر طوفان جو اثر نظر ايندو.  اين ڊي ايم اي موجب، سامونڊي طوفان سڀاڻي منجهند جو ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي شهر گجرات وٽان گذرندو.  اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته سامونڊي صورتحال ۽ بلند ڇولين سبب سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي.  سامونڊي طوفان سڀاڻي سنڌ جي علائقي ڪيٽي بندر سان ٽڪرائجڻ جو امڪان آهي جڏهن ته سامونڊي پٽيءَ وارن علائقن ۾ حالتون بگڙي رهيون آهن، سجاول ۾ برسات ۽ اورماڙا ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي.  ٺٽي، بدين ۽ ٻين ضلعن ۾ تيز هوائون گهلي رهيون آهن ۽ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن جڏهن ته ڪراچي شهر ۾ بوندا باندي ٿي آهي

Leave A Reply

Your email address will not be published.