My WordPress Blog

روسي صدر يوڪرين سان جنگ روڪڻ جو حل ٻڌائي ڇڏيو

0

اسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته يوڪرين تڪرار ختم ڪرڻ جو اڪيلو رستو اهو آهي ته اولهه ملڪ يوڪرين کي اسلحو فراهم ڪرڻ روڪين.  هڪ بيان ۾ روسي صدر يوڪرين سان جنگ جو حل ٻڌائيندي چيو ته اولهه يوڪرين ۾ روس کي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، يوڪرين تڪرار ختم ڪرڻ جو اڪيلو رستو اهو آهي ته اولهه ملڪ يوڪرين کي اسلحي جي فراهمي روڪين.  هن چيو ته اسود سمنڊ جي اَنَ بابت معاهدي مان نڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون.  ٻي پاسي آرميڪا روس جي خوراڪ جي فراهمي جا خطرا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.  ان حوالي سان وائيٽ هائوس چيو آهي ته روس دنيا کي خوراڪ جي فراهمي روڪڻ بابت ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪري.  ان کانسواءِ آمريڪا يوڪرين کي وڌيڪ 325 ملين ڊالر فوجي امداد ڏيڻ جو اعلان به ڪيو آهي.  واضح رهي ته روس ۽ يوڪرين وچ ۾ گذريل هڪ سال کان جنگ جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ روس طرفان يوڪرين جي انفرا اسٽرڪچر کي خراب نموني نقصان پهچايو ويو آهي جڏهن ته فضائي حملن جي نتيجي ۾ ڪيئي ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن

Leave A Reply

Your email address will not be published.