My WordPress Blog

حيدرآباد ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ، پ پ سان واسطو رکندڙ اميدوار بنا مقابلي ڪامياب

0

حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ )پاڪستان پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ اڳواڻ حيدرآباد شهر جا بنا مقابلي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر چونڊجي ويا. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ڪاشف شورو حيدرآباد جو ميئر ۽ صغير قريشي ڊپٽي ميئر چونڊجي ويا آهن.  اليڪشن ڪيمشن حيدرآباد جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي بنا مقابلي چونڊجڻ جو باظابطا نوٽيڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.  واضح رهي ته ڪاشف شوري ۽ صغير قريشي ٻنهي جو تعلق پاڪستان پيپلز پارٽي سان آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.