بائپر جوءِ طوفان، ڇا ڪراچي ايئرپورٽ بند ٿيڻ وارو آهي؟ اهم خبر اچي وئي
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سول ايوي ايشن بائپر جوءِ طوفان جي حوالي سان ڪراچي هوائي اڏي جي بندش وارن خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي. سول ايوي ايشن جي ترجمان موجب، خراب موسم جي اڳڪٿي جي صورت ۾ هوائي اڏن تي طئي تيل ايس او پيز تحت حفاظتي قدم کنيا ويندا آهن تنهنڪري بائپر جوءِ طوفان جي حوالي سان ڪراچي ايئرپورٽ جي بندش جون خبرون غلط آهن. ترجمان چيو ته هوائي اڏن تي هوا جي رفتار ۽ موسم جي حوالي سان پائليٽن کي مسلسل باخبر رکڻ معمول جي ڳالهه آهي، غير معمولي حالتن ۾ پائليٽَ زميني ۽ موسمي حقيقتن کي نظر ۾ رکندي ٽيڪ آف يا لينڊنگ لاءِ ويجهو موجود موزون منزل جو فيصلو ڪندا آهن. سول ايوي ايشن ان حوالي سان ايئر لائنز ۽ پائليٽن کي پهريان ئي احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڇڏيون آهن ته خراب موسم ۾ ايئر لائنز طرفان شيڊولز ۾ خلل پئجي سگهي ٿي.