My WordPress Blog

بائپر جوءِ طوفان، توانائي واري وزير اهم بيان ڏئي ڇڏيو

0

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته سامونڊي طوفان سبب بجلي جي ترسيل ۾ اڃا تائين خلل ناهي آيو پر حفاظتي اپائن کي نظر ۾ رکندي بجلي بند ڪري سگهجي ٿي.  اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خرم دستگير چيو ته سنڌ جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ڏانهن ٻه هزار اهلڪار موڪلي رهيا آهيون، شام تائين مان ۽ پاور سيڪريٽري ڪراچي پهچي وينداسين.  هن چيو ته ٺٽي، بدين ۽ سجاول ۾ تيز هوائون گهلي رهيون آهن جڏهن ته حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ۾ صوررتحال خراب ٿي سگهي ٿي پر فلحال اها ڄاڻ ناهي ته طوفان جا ڪهڙا اثر هوندا.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.