اڳوڻو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گرفتار
واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ميامي جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي گرفتاري کان پوءِ وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. آمريڪي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ کي ميامي ۾ فيڊرل ڪورٽ هائوس ۾ ڳجهن دستاويزن جي ڪيس ۾ پيشي جي موقعي تي گرفتار ڪيو ويو هو پر هاڻ کيس آزاد ڪيو ويو آهي. اڳوڻي آمريڪي صدر کي ڊپٽي مارشلز گرفتار ڪيو هو ۽ ٽرمپ فيڊرل الزامن کي منهن ڏيندڙ پهريون آمريڪي صدر آهي. ڊپٽي مارسلز اڳوڻي صدر سان گڏ سندس ويجهي ساٿي والٽ نائوٽا کي به گرفتار ڪيو هو. پرڏيهي خابرو اداري موجب اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته هن کي سزا ڏيڻ جي ڪوشش اليڪشن ۾ مداخلت آهي، ٽرمپ پاڻ مٿان لڳايل سمورن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ جي گرفتاري تي حامين ميامي ڪورٽ هائوس ٻاهران احتجاج ڪيو. اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي وائيٽ هائوس ڇڏڻ کان پوءِ ڳجها سرڪاري دستاويز پاڻ وٽ رکڻ جو الزام آهي.