My WordPress Blog

آمريڪي ڪانگريس ميمبر پاڪستان جي امداد جو مسئلو اٿاري ڇڏيو

0

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڪانگريس ميمبر آل گرين ڪانگريس جي فنانس ڪميٽي آڏو پاڪستان جي امداد جو مسئلو اٿاري ڇڏيو.  آمريڪي ڪانگريس ميمبر آل گرين فنانس ڪميٽي جي آڏو پاڪستان جي امداد جو مسئلو اٿاريندي آمريڪا تي زور وڌو ته هو پاڪستان کي آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ طرفان امدادي فراهمي ۾ ڪردار ادا ڪري.  ايوان نمائيندن ۾ خطاب ڪندي آل گرين چيو ته پاڪستان اڳ ئي ٻوڏ سان متاثر آهي، گلوبل وارمنگ کي آمريڪا رد ڪري سگھي ٿو پر پاڪستان ان کي ڀوڳي رهيو آهي، پاڪستان کي هن وقت امداد جي سخت ضرورت آهي.  ان دوران آمريڪي ناڻي واري وزير جينيٽ يلين جواب ڏنو ته آمريڪا آءِ ايم ايف جي پاڪستان ۾ ڪم کي سپورٽ ڪري ٿو. آمريڪي سينيٽر ايمي ڪلوبرچر چيو ته هو پاڪستان کي آءِ ايم ايف طرفان قرض جي فراهمي لاءِ ڪردار ادا ڪندا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.