آرٽيڪل 184 ٿري ۾ اپيل جي حق لاءِ ترميم کي ڀليڪار چونداسين: چيف جسٽس
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته آرٽيڪل 184 ٿري ۾ اپيل جي حق لاءِ آئيني ترميم کي ڀليڪار چونداسين ۽ آئيني اختيار کي آئيني ترميم ذريعي ئي تبديل ڪري سگهجي ٿو. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سُپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ ريويو اينڊ ججمينٽ ايڪٽ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر دليل ڏيندي چيو ته آرٽيڪل 184 جي شق ٽي جي اختيارن کي گهٽائڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته آرٽيڪل 184 جي شق ٽي جي فيصلي خلاف اپيل جو حق ڏيڻ لاءِ آئيني ترميم ڪريو، آئيني ترميم ڪئي وئي ته اسان ان کي ڀليڪار چونداسين، آئيني اختيارن کي آئيني ترميم ذريعي ئي تبديل ڪري سگهجي ٿو، بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي