My WordPress Blog

آءِ ايم ايف کي بجيٽ خرچن ۽ ٽئڪسن تي ڳڻتي، پاڪستان کان وضاحت طلب

0

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري مملڪتي وزير عائشا غوث پاشا چيو آهي ته آءِ ايم ايف اختيارين بجيٽ جي حوالي سان ڪجهه شين تي وضاحت گهري آهي ۽ کين خرچن، ٽئڪسن واري معاملي تي ڳڻتي آهي.  اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري مملڪتي وزير چيو ته آءِ ايم ايف ڪيئي شين تي سوال اُٿاريا آهن جنهن تي اسحاق ڊار آءِ ايم ايف مشين چيف ناٿن پروٽر سان ورچوئل ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.  هن چيو ته آءِ ايم ايف اختيارين بجيٽ جي حوالي سان ڪجهه شين تي وضاحت گهري آهي، کين خرچن ۽ ٽئڪسن واري معاملي تي ڳڻتي آهي.  عائشه غوث پاشا جو چوڻ آهي ته اسان آءِ ايم ايف کي بجيٽ جي حڪمت عملي ۽ ويجن کان آگاهه ڪيو، بجيٽ جو مقصد معاشي گروٿ آڻڻ آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف سان اسٽريٽيجڪ ليول تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي، خرچن سميت ٻين انگن اکرن تي وڌيڪ ٽيڪنيڪي ڳالهيون ٿينديون.  مملڪتي وزير زور ڏنو ته پيٽروليم ليوي وڌائڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، رڳو قانون ۾ گنجائش رکي آهي، جيڪڏهن ضرورت پئي تي پيٽروليم ليوي جي شرح ۾ ڦيرڦار ڪنداسين.  هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف پاور ڊويزن ۽ اسٽيٽ بئنڪ اختيارين سان ڳالهه ٻولهه ڪندو، ايڪسچينج ريٽ ۽ پاليسي ريٽ تي آءِ ايم ايف اسٽيٽ بئنڪ سان ڳالهيون ڪندو، حڪومت معاشي استحڪام کانسواءِ ڪو ب قدم نه کڻندي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.