My WordPress Blog

”ڪراچي ۾ ڪنهن به وقت ايمرجنسي صورتحال ٿي سگهي ٿي“

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته هن وقت ٺٽي، بدين ۽ سجاول ۾ ايمرجنسي صورتحال آهي پر ڪراچي ۾ به ڪنهن به وقت ايمرجنسي صورتحال ٿي سگهي ٿي.  نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته هن وقت ٺٽي، بدين ۽ سجاول ۾ ايمرجنسي صورتحال آهي، ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ٽرانسپورٽ ۽ ٻين طريقن سان مدد ڪري رهيا آهيون، وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ جي حڪمن تي ريسڪيو جو عمل جاري آهي، ڀرپور ڪوشش آهي ته سڀ کان اڳ ماڻهن کي ڪڍڻ جو عمل مڪمل ڪيو وڃي.  سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ به ڪنهن به وقت ايمرجنسي صورتحال ٿي سگهي ٿي، ايمرجنسي جي صورت ۾ آرمي ۽ نيوي جي مدد حاصل هوندي، سي ويو وڃڻ تي قلم 144 تحت پابندي آهي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.