My WordPress Blog

ڪامران ٽيسوري سامونڊي پٽي تي رهندڙن جي سهائتا لاءِ ميدان ۾ اچي ويو، وڏو اعلان

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سامونڊي پٽي تي رهندڙ ماڻهن کي روز هڪ وقت جو کاڌو ۽ هڪ مهيني جو روشن فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.  پنهنجي بيان ۾ ڪامران ٽيسوري چيو ته سامونڊي طوفان سبب سامونڊي پٽي جا ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن، سڀاڻي کان کين روز هڪ وقت جو کاڌو فراهم ڪيو ويندو، جڏهن ته سڀني مهاڻن کي هڪ مهيني جو راشن به پهچايو ويندو.  هن چيو ته سامونڊي پٽي تي رهندڙ هر مهاڻي کي هڪ مهيني جو راشن گهر تائين پهچايو ويندو، جتي رستو ناهي، اتي مان پاڻ راشن کڻي ويندس.  سندس چوڻ هو ته ڪنهن گهر جي چُلهه نه ٻري، ان کان وڏو ڪو طوفان ناهي، ڏکئي وقت ۾ پنهنجي ماڻهن سان گڏ آهيون، جيڪڏهن ڪير راشن کان رهجي ويو ته اهو گورنر هائوس مان راشن وٺي.  سنڌ جي گورنر سامونڊي طوفان جي حوالي سان گورنر هائوس ۾ ٽول فري نمبر جاري ڪيو ۽ چيو ته متاثر ماڻهو 1366 تي رابطو ڪري سگهن ٿا، سندن ڀرپور مدد ڪئي ويندي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.