پ پ جي سينيئر اڳواڻ ملٽري ايڪٽ تحت ڪارروائي جي مخالفت ڪري ڇڏي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته ملٽري ڪورٽون قائم ڪرڻ جي حمايت نٿي ڪري سگهجي. پنهنجي بيان ۾ رضا رباني چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف ملٽري ايڪٽ تحت ڪارروائي نه ڪرڻ گهرجي، ماضي ۾ فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جا نتيجا هاڪاري نه رهيا. هن چيو ته فوجي ملڪيتن تي حملا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ضرور ٿيڻ گهرجي پر ان لاءِ ملٽري ڪورٽون قائم ڪرڻ ضروري ناهي. سندس چوڻ هو ته سمورا شرط پورا ڪرڻ باوجود آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ناهي ٿيو، ظاهري طور لڳي ٿو ته اهو معاهدو نه ٿيندو.