My WordPress Blog

پي ٽي آءِ چيئرمين جاچ ۾ پاڻ کي ڪوڙو ثابت ڪري ڇڏيو: راڻا ثناءُ الله

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عسڪري قيادت تي قتل جي الزامن بابت تحريڪ انصاف چيئرمين جاچ ۾ ڪو ثبوت نه ڏئي سگهيو.  اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين موجب قتل جي سازش جو ڪنهن ٻڌايو، نالو وسري ويو آهي، هن آڊيوز ۽ وڊيوز جي ترديد نه ڪئي، لکت بيان جي آءِ ٽي وٽ ثبوت آهي.  هن چيو ته 9 مئي جي طئي ٿيل منصوبي تحت پاڪستان تي قبضي جي ڪوشش ٿي، سڀ طئي هو ته ڪنهن جي ڪهڙي ذميواري آهي، ٽائيگر فورس ٺاهڻ جو مقصد 9 مئي جهڙا واقعا ڪرڻ هو، جنهن ڏوهه ڪيو آهي، ان کي سزا ملندي، فتني کي ختم ڪري ساهه پٽينداسين.  سندس چوڻ هو ته رمنا ٿاڻي ۾ هڪ ايف آءِ آر داخل ٿي، پي ٽي آءِ چيئرمين جاچ ۾ شامل ٿيو، هڪ فوجي آفيسر، وزيراعظم ۽ منهنجي خلاف قتل جي سازش جو الزام لڳايو ويو پر هو جاچ ۾ ثبوت نه ڏئي سگهيو، چيائين ته قتل جي سازش جو ڪنهن ٻڌايو پر نالو وسري ويو آهي، جاچ دوران پي ٽي آءِ چيئرمين پاڻ کي ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام هڻندڙ ثابت ڪيو. راڻا ثناءُ الله چيو ته فوج جي سربراهه خلاف بيان بازي ڪئي وئي، تحريڪ انصاف چيئرمين جو بيان لکت ۾ آندو ويو، جنهن تي سندس صحيحون آهن، اهو بيان جي آءِ ٽي وٽ ثبوت آهي، بنا ثبوتن جي اهڙي قسم جا الزام هڻڻ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ماهر آهي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.