نادرا چيئرمين طارق ملڪ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي چيئرمين طارق ملڪ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. نادرا ترجمان موجب طارق ملڪ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ۾ پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪئي پر ان حوالي سان حتمي فيصلو وزيراعظم ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نادرا چيئرمين خلاف نيب ۽ ايف آءِ اي ۾ جاچ جاري آهي. ذريعن موجب طارق ملڪ نجي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، هن وزيراعظم سان ملاقات لاءِ وقت گهريو هو.