”ماڻهن کي منتقل ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ناهي“
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي ساحلي پٽي تي ماڻهن کي ڪڍڻ کانسواءِ ٻي ڪا واهه ناهي، 40 هزار 800 مان 8800 ماڻهن کي منتقل ڪيو ويو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪيٽي بندر جي 13 هزار آبادي خطري ۾ آهي، جن مان 3 هزار ماڻهن کي رات جي وقت محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، گهوڙا ٻاري جي پنج هزار آبادي کي خطرو آهي جتان 100 ماڻهن کي جڏهن ته شهيد فاضل راهو جي 4 هزار آبادي کي خطرو آهي انهن مان 3 هزار کي محفوظ ماڳ تي منتقل ڪيو ويو آهي.