صندل خٽڪ جوڊيشل ريمانڊ تي اڊيالا جيل منتقل
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريم شاهه وڊيوز ليڪ ڪيس ۾ ٽڪ ٽاڪ اسٽار صندل خٽڪ جي استدعا رد ڪندي کيس جوڊيشل ريمانڊ تي اڊيالا جيل موڪلي ڇڏيو. اسلام آباد جي عدالت۾ حريم شاهه وڊيوز ليڪ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٽڪ ٽاڪر اسٽار صندل خٽڪ کي سول جج شبير ڀٽي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ايف آءِ اي جاچ آفيسر صندل خٽڪ جي 5 ڏينهن جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي، جنهن تي عدالت سوال ڪيو ته صندل خٽڪ کي تحويل ۾ ڇو رکڻ گھرجي. سيشن عدالت جاچ آفيسر جي جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪري ڇڏي ۽ صندل کي جوڊيشل ريمانڊ تي اڊيالا جيل موڪلي ڇڏيو.