سامونڊي طوفان کان بچاءَ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ دعا
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ سامونڊي طوفان کان بچاءَ لاءِ دعا ڪرائي وئي، اسپيڪر چيو ته قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ جو خطرو آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مولانا عبدالاڪبر چترالي سامونڊي طوفان کان بچاءَ لاءِ دعا ڪرائي. راجا پرويز اشرف چيو ته قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ جو خطرو آهي، سنڌ حڪومت به ڪم ڪري رهي آهي ۽ بلوچستان ۾ به ان تي ڪم ٿي رهيو آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته وڌ کان وڌ احتياط ڪيو.