سامونڊي طوفان سبب بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ واڌ جو خدشو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عربي سمنڊ ۾ ٺهندڙ طوفان ”بپر جواءِ“ ڪراچي جي ڏکڻ کان 470 ڪلو ميٽر پري آهي پر ان طوفان جا اثر ڏسندي هڪ حڪومتي سينيئر اهلڪار لوڊشيڊنگ ۾ واڌ جي حوالي سان خبردار ڪيو آهي. سينيئر اهلڪار موجب طوفان کي ڏسندي سومر کان ايل اين جي ڪارگو 100 ايم ايم سي ايف ڊي ٽرمينل ون مان نٿو وڃي سگهي پر جيڪڏهن صورتحال اهڙي ئي رهي ته پاور سيڪٽر لاءِ گئس جي فراهمي گهٽجي ويندي، جنهن کي ڏسندي گئس سپلاءِ ايمرجنسي جو اعلان ڪيو ويندو. سڄي ملڪ ۾ هن وقت بجلي جو شارٽ فال 6000 ميگا واٽ آهي ۽ اها صورتحال سڄي ملڪ ۾بجلي جي وڌيڪ بندش جو سبب بڻجي سگهي ٿي. توانائي واري وزارت موجب سامونڊي طوفان سان ايل اين جي جي پهچ، بجلي پيداوار، پهچ واريون لائنون متاثر ٿيڻ سان گڏوگڏ ونڊ انرجي ۾ به گهٽتائي پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. توانائي واري وزارت جو چوڻ آهي ته ايل اين جي جي پهچ متاثر ٿيڻ سان بجلي جي پيداوار ۾ 1500 ميگا واٽ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، پهچ جي مسئلن سبب ڪول پاور پلانٽس جي 2400 ميگا واٽ بجلي متاثر ٿي سگهي ٿي. توانائي واري وزارت جو چوڻ آهي ته بجلي جي پيداوار ۾ گهٽتائي کي ڊيزل سان بجلي پيدا ڪري پورو ڪيو ويندو پر ضرورت پوڻ تي لوڊشيڊنگ ۾ ٻه کان ٽي ڪلاڪ واڌ ٿي سگهي ٿي.