سامونڊي طوفان: بلاول ڀٽو زرداري عوام کي اپيل ڪري ڇڏي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سامونڊي طوفان کي ڏسندي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي، خاص طور سامونڊي علائقن جا ماڻهو انتظاميا سان سهڪار ڪن ۽ بنا دير حفاظتي هنڌن تي منتقل ٿين. پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سامونڊي طوفان سان ڪراچي، ٺٽي، سجاول ۽ بدين کي خطرو آهي، سنڌ حڪومت ان معاملي تي چوڪس آهي ۽ هر ممڪن حفاظتي قدم کڻي رهي آهي، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته طوفاني برسات دوران سفر کان پاسو ڪيو وڃي، سڀني اپائن تي عمل ڪرڻ ئي قدرتي آفت جي امڪاني نقصان کان بچڻ جو رستو آهي. پ پ چيئرمين هدايت ڪئي ته پارٽي جا سمورا ڪارڪن امدادي ڪمن ۾ انتظاميا جي مدد ڪن ۽ سامونڊي علائقن جا چونڊيل نمائندا تڪن ۾ عوام سان رابطي ۾ رهن.