My WordPress Blog

سامونڊي طوفان، سنڌ جي صحت کاتي شهرين لاءِ اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ امڪاني سامونڊي طوفان ۽ برساتن سبب صوبائي صحت کاتي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.  صحت کاتي موجب طوفان ۾ 60 کان 100 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلنديون، مختلف علائقن ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان تيز برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته پاڻي جي نيڪالي جي خراب صورتحال سان روڊن تي ٽريفڪ جام ٿي سگهي ٿي.  صحت کاتي جو چوڻ آهي ته برسات جي پاڻي سان روڊ بلاڪ ٿيڻ جا به خدشا آهن، گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن وارا ماڻهو خاص احتياط سان سفر ڪن، برسات دوران بجلي جي پولن ۽ تارن کان پري رهڻ لازمي آهي، جڏهن ته طوفان دوران شهر ۾ لوڊشيڊنگ وڌڻ جو به خدشو آهي.  برساتن دوران موبائل نيٽ ورڪ جي بندش جو به خطرو آهي، شهري پنهنجي گهرن جا دَر مڪمل طور بند رکن، جڏهن ته هنگامي حالت ۾ 1092 تي ڪال ڪري مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.