”روز پنهنجي موت جي خواهش ڪندي آهيان“
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ناليواري ماڊل ۽ اداڪارا صحيفا جبار خٽڪ ذهني مسئلن جو شڪار هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي. سومر ڏينهن ماڊل پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪجهه اسٽوريز پوسٽ ڪيون جن ۾ هن پنهنجي نجي زندگي جي حوالي سان ڪجهه انڪشاف ڪيا ۽ ٻڌايو ته گذريل ڪيترن ئي ڏنهن کان هو گھڻي ڏکي زندگي گذاري رهي آهي، هوءَ نه ٺيڪ طريقي سان سمهي سگھي ٿي نه ئي پرسڪون آهي. پنهنجي اسٽوري ۾ هن لکيو ڪجهه ڏينهن کان آئون بلڪل ٺيڪ ناهيان، ان بابت ڳوڙها وهائي ڳالهه نٿي ڪري سگھان، آئون هن وقت سخت تڪليف ۽ ڏک ۾ آهيان، آئون بلڪل نا اُميد ٿي چڪي آهيان. هن پنهنجي اسٽوري ۾ لکيو ته روز پنهنجي موت جي خواهش ڪندي آهيان، گذريل 60 ڏينهن کان ڪو اهڙو ڏينهن ناهي گذريو جنهن ڏينهن نه رُني هجان. هن دنيا جا ماڻهو گھڻا ظالم آهن، ڪنهن جي دل ۾ ٻين لاءِ همدردي ناهي. هن دنيا کي بهتر جاءِ هجڻ جي ضرورت آهي، ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته مون وٽ دنيا جون سڀ آسائشون آهن ته پوءِ اهڙي ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا مون کي ايترو بيچين ۽ ڏک ۾ مبتلا ڪري رکيو آهي؟ آئون اوهان کي ٻڌايان ته آئون هن وقت دبئي جي هڪ عاليشان هوٽل جي نرم بيڊ تي ليٽي لکي رهي آهيان ۽ هاڻ به بيان نه ڪندڙ تڪليف مان گذري رهي آهيان.