My WordPress Blog

بپر جواءِ ڪراچي جو رخ ڪري ورتو، شهر ۾ آنڌاري

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سامونڊي طوفان بپر جواءِ ڪراچي جي ڏکڻ ڏانهن وڌي رهيو آهي جنهن جا اثر شهر ۾ نظر اچڻ شروع ٿي ويا آهن.  سامونڊي طوفان جي تباهي ۽ جاني نقصان کان بچن لاءِ سول انتطاميا ۽ فوج حرڪت ۾ اچي وئي آهي.  طوفان کي نظر ۾ رکندي ٺٽي، بدين ۽ سجاول سميت ساحلي پٽي مان ماڻهن کي ڪڍڻ جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي. طوفان جي آمد کان اڳ 90 هزار ماڻهن کي ڪڍڻ جو ٽارگيٽ آهي جنهن سبب ڪيٽي بندر شهر خالي ڪرايو ويو آهي جڏهن ته بدين ۽ سجاول مان به متاثرن جي رليف ڪيمپن ۾ منتقلي ڪئي پئي وڃي.  ڪراچي ڪينٽ، بدين ۽ حيدرآباد مان پاڪ فوج جا جٿا امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺڻ ساحلي علائقن ۾ موڪليا ويا اهن.  سامونڊي طوفان ڪراچي جي ڏکڻ کان 410 ڪلوميٽر ۽ ٺٽي جي ڏکڻ کان 400 ڪلوميٽر پري آهي. طوفان جي مرڪز ۾ هوائن جي رفتار 150 کان 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي جڏهن ته طوفان جي مرڪز ۾ هوائن جا واچوڙا 180 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گهلي رهيا آهن.  سامونڊي طوفان جي اثر به ظاهر ٿي رهيا آهن، ڪراچي، ٺٽي، بدين ۽ ٻين علائقن ۾ ٻوسٽ ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪراچي جي ساحلي علائقي چشما ڳوٺ ۾ پاڻي روڊ ڪناري اچي ويو آهي.  ڪراچي جي ساحلي علائقن ۾ پاڻي جي سطح وڌي وئي آهي.  ٺٽي، سجاول، بدين، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ اڄ کان 17 جون تائين برساتن جو امڪان آهي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.