My WordPress Blog

ايندڙ مالي سال پاڪستان ۽ عوام جي آمدني وڌائڻ جو سال ثابت ٿيندو: وزيراعظم

0

 اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ مالي سال کي ملڪ ۽ عوام جي آمدني وڌائڻ جو سال قرار ڏئي ڇڏيو.  هڪ بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ نوجوان جي ترقي، ڪاروبار ۽ روزگار جي تاريخي بجيٽ آهي، مايوسي جو خاتمو، ملڪ ۽ قوم جي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي سان نئون اعتماد ۽ اميد بحال ڪرڻي پوندي. هن چيو ته ايندڙ مالي سال پاڪستان ۽ عوام جي آمدني وڌائڻ جو سال ثابت ٿيندو، صنعت، زراعت، آءِ ٽي، توانائي جي شعبن ۾ تيزي سان ترقي ۽ معاشي استحڪام جي بجيٽ آهي، بجيٽ ۾ نوجوانن کي روزگار گهرڻ بدران روزگار ڏيڻ وارا ڪاروباري بڻائڻ جا موقعا شامل آهن.  سندس چوڻ هو ته نوجوان ملڪ جو مستقبل آهن ۽ نوجوانن جو مستقبل سنوارڻ سدائين منهنجي پهرين ترجيح رهي آهي، آءِ ٽي، زراعت ۽ صنعت ۾ ڪاروبار جي شروعات سان نوجوانن کي پاڪستان جي ترقي جو معمار ٺاهڻو آهي، نوجوانن کي هڪ لک ليپ ٽاپ، ننڍا ۽ رعايتي قرض ڏئي رهيا آهيون، انهن جي حوصلا افزائي لاءِ بجيٽ ۾ آءِ ٽي ڪاروبار ۾ ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني آهي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.