اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ وڏي لاٿ
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ وڏي لاٿ سامهون اچي وئي. پاڪستان ڪرنسي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ اڱاري ڏينهن 5 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 5 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 300 رپين جي سطح تي اچي ويو. ڪرنسي ڊيلرن جو چوڻ آهي ته ڊالر جي اگهه ۾ گهٽتائي جو سبب بئنڪن طرفان ايڪسچينج ڪمپنين کي رليز ڪيل 50 لک ڊالر آهن، جيڪي بئنڪن روڪي ڇڏيا هئا. سندن موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ 50 لک ڊالر رليز ڪيا ويندا، جنهن سان اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ وڌيڪ گهٽتائي رڪارڊ ڪري سگهجي ٿي.