My WordPress Blog

آگسٽ ۾ آئيني مدو ختم ٿيڻ تي نگران سيٽ اپ اچي ويندو: مريم اورنگزيب

0

لاهور (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آگسٽ ۾ آئيني مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ نگران حڪومت اچي ويندي، ن ليگ نواز شريف جي قيادت ۾ چونڊن جي تياري ڪري رهي آهي.  لاهور ۾ گفتگو ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته مريم نواز چونڊ جلسا شروع ڪري ڇڏيا آهن، اليڪشن ڪميشن تاريخ ڏيندي ته چونڊون ڪرائينداسين، چونڊ اتحاد جو فيصلو وقت اچڻ تي ڪيو ويندو.  هن چيو ته نواز شريف کي مائنس ڪندڙ پاڻ مائنس ٿي ويا آهن، جيڪو گدڙ ليڊر بڻجڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، عوام ان کي مائنس ڪري ڇڏيندو آهي.  سندس چوڻ هو ته حڪومت ڏکين حالتن ۾ متوازن بجيٽ پيش ڪئي، جڏهن به حڪومت کي موقعو مليو مهانگائي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.