1300 سي سي کان وڌيڪ جي گاڏين جي درآمد تي ٽيڪسن جي حدبندي ختم، مهانگيون ٿيڻ جو امڪان
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 24-2023 جي بجيٽ ۾ ايشيا ۾ ٺهندڙ پراڻين ۽ استعمال ٿيل 1300 سي سي گاڏين جي درآمد تي ڊيوٽي ۽ ٽيڪسن جي حدبندي ختم ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا مان منظوري کانپوءِ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پيش ڪئي. ناڻي واري وزير چيو ته ايشيا ۾ ٺهندڙ پراڻين ۽ استعمال ٿيل 1800 سي سي تائين جي گاڏين جي درآمد تي 2005 ۾ ڊيوٽيز ۽ ٽيڪسز کي محدود ڪيو ويو هو. هن چيو ته هاڻ 1300 سي سي کان مٿي جي گاڏين جي ڊيوٽي ۽ ٽيڪسز جي حدبندي ختم ڪئي پئي وڃي. ڊيوٽي ۽ ٽيڪسز جي حدبندي ختم ٿيڻ کانپوءِ گاڏيون مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي.